ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ لاهور ڌماڪي جي سهولتڪار آهي: فردوس عاشق اعواڻ

پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جوهر ٽائون ڌماڪي جي سهولتڪار آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سيڪيورٽي ادارن جوهر ٽائون ڌماڪي جي ذميوارن کي وقت تي پڪڙي ورتو، واقعي جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا ۽  ان جي سهولتڪار ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ آهي.

هن ٻڌايو ته ڌماڪي ڏينهن ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان ڪانفرنس هلي رهي هئي ۽ سيشن ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جون حڪومتي ڪوششون رنگ لائي رهيون هيون، دنيا پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ جيڪي ايس او پيز طئي ڪيون، انهن تي عمل ڪيو ويو.

Read Previous

قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل 2021 اڪثريتي راءِ سان منظور

Read Next

ملڪيت جي تڪرار تي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular