سربند واري علائقي ۾ ملڪيت جي تڪرار تي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا.
پوليس موجب ٻن ڌرين ۾ پشتخره بالا ۾ ملڪيت جي تڪرار تي جرڳو جاري هو ته اوچتو فائرنگ ٿي پئي جنهن ۾ هڪ ڌر جا 2 ۽ ٻي ڌر جا 3 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾هڪ شخص سخت زخمي به ٿيو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ مقتولن جا لاش به پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته واقعي بابت شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.