سائنو ويڪ جون وڌيڪ ويهه لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون

سائنو ويڪ جون وڌيڪ 20 لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون آهن. رپروٽ موجب ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ويڪسين سائنو ويڪ جون وڌيڪ 20 لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون آهن.

ويڪسين پي آءِ اي جي خصوصي اڏام ذريعي اسلام آباد آنديون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي ويڪسين جي خريداري عالمي مارڪيٽ مان ڪري رهيو آهي. وڌيڪ ويڪسين اچڻ کان پوءِ هاڻ روزاني ويڪسين لڳڻ ۾ اضافو ٿيندو.

ويڪسين چين مان خريد ڪئي وئي آهي ۽ سموري ملڪ ۾ ويڪسينيشن مرڪز ۾ پهچائي ويندي. ان حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

Read Previous

تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

آمريڪا سان امن جا ڀائيوار ٿي سگهون ٿا جنگ جا نه: وزيراعظم

Most Popular