تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي سنڌ اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين ۾ هن جو چوڻ هو ته ايوان جو ميمبر بڻجي پنهنجي تڪ جي ڪابه خدمت نٿو ڪري سگهان. مون کي  اسيمبلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. گذريل 3 سالن کان جمهوريت جو جنازو ڏسي رهيا آهيون. ڪالهه مخالف ڌر جو مائيڪ کولڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ ميمبرن کي معطل ڪيو ويو. ان لاءِ اڄ احتجاجن صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 101 جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو آهي.

فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته هي اسيمبلي اڄ کان غير جمهوري ٿي وئي آهي. اڄ اسان جي 5 ايم پي ايز کي اسيمبلي اندر نه وڃڻ ڏنو ويو. ايوان ۾ اپوزيشن .کي ڪردار ادا ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن روڊن تي ئي احتجاج ڪرڻو آهي ته پوءِ ايوان جي رڪنيت نه گهرجي. مان سڀاڻي لکت ۾  پنهنجي استعيفيٰ اسيمبلي جي اسپيڪر کي پيش ڪندس.

Read Previous

ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سان شادي ڪري ورتي

Read Next

سائنو ويڪ جون وڌيڪ ويهه لک خوراڪون پاڪستان پهچي ويون

Most Popular