ڪورونا ويڪسين نه هڻائيندڙ سرڪاري ملازمن بابت سنڌ حڪومت جو نئون فيصلو

سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ويڪسين نه هڻائيندڙ سرڪاري ملازمن کي رعايت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاق کان ويڪسين نه پئي ملي ان ڪري ماڻهن کي ويڪسين نه پيا هڻي سگهون، ان ڪري صوبائي حڪومت في الحال ملازمن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه پئي ڪري.

هن چيو ته ملازمن کي ويڪسين هڻائڻ لاءِ رعايت ڏئي رهيا آهيون، جن سرڪاري ملازمن ويڪسين ناهي هڻائي اُهي جلد کان جلد هڻائن.

صوبائي وزير چيو ته الزام هنيو ويو ته ناصر شاهه اسان کي ڳالهين ۾ لڳايو ۽ بجيٽ پيش ڪئي وئي، الزام هنيو ويو ته ميمبرن کي اسيمبلي ۾ داخل نه پئي ٿيڻ ڏنو ويو، اِهو درست ناهي، ڇو ته دهلن سان گڏ اسيمبلي ۾ اچڻ جي ڪوشش تي سيڪيورٽي اهلڪارن روڪيو هو.

Read Previous

هاڻ اسان کي ڌمڪائڻ جو وقت ويو: چيني صدر جو عالمي طاقتن کي پيغام

Read Next

جيالن کي حڪم ڏيان ته حڪمران ڪٿان جا نه رهندا: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular