جيالن کي حڪم ڏيان ته حڪمران ڪٿان جا نه رهندا: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي جيالن کي حڪم ڏيان ته حڪمرانن ڪٿان جا نه رهندا.

نڪيال، آزاد ڪشمير ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪمران پ پ جي جيالن کان ڊنل آهن، پ پ ڪشمير جي صدر تي ٻه ڀيرا حملو ٿيو، اسان مسلم ڪانفرنس جي عزت ڪيون ٿا پر اها ڪهڙي جماعت آهي، جيڪا پ پ جي صدر تي حملا ڪرائي ٿي، ڇا ووٽ جي عزت بندوق سان ٿيندي آهي؟

هن چيو جيالن کي حڪم ڏيان ته حڪمران ڪٿان جا نه رهندا، توهان ووٽ جي طاقت سان اسان جو مقابلو ڪيو، جتي جيالن جو پگهر وهندو اتي اسان جو رت وهندو.

سندس چوڻ هو ته مودي ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪئي ته ڊڄڻي هاءِ وي جو نالو سري نگر هاءِ وي رکي ڇڏيو، مودي حملو ڪيو ته دڄڻي اسيمبلي فلور تي چيو مان ڇا ڪيان؟ ڪشمير تي سوديبازي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، جيستائين هڪ به جيالو آهي، انهن جو هر منصوبو ناڪام بڻائينداسين.

Read Previous

ڪورونا ويڪسين نه هڻائيندڙ سرڪاري ملازمن بابت سنڌ حڪومت جو نئون فيصلو

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس ٻيهر وڌڻ لڳا، مثبت ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو

Most Popular