هاڻ اسان کي ڌمڪائڻ جو وقت ويو: چيني صدر جو عالمي طاقتن کي پيغام

) چيني صدر شي جن پنگ عالمي طاقتن کي خبردار ڪيو آهي ته هاڻ چين کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جو وقت ويو.

چيني ڪميونسٽ پارٽي جا 100 سال مڪمل ٿيڻ تي تقريب سان خطاب ڪندي چيني صدر عالمي طاقتن کي واضح پيغام ڏنو.

وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي شي جن پنگ چيو ته چين کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جو هاڻ ختم ٿي ويو ۽ جنهن به پارٽي ۽ کيني عوام کي الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان بدترين ناڪامي کي منهن ڏنو.

ميڊيا رپورٽن موجب چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 100هين سالگرهه جي تقريب ۾ چيني صدر سان گڏ پارٽي جي سينيئر قيادت به شرڪت ڪئي، جڏهن ته چيني صدر پنهنجي خطاب ۾ پارٽي طرفان چين کي تباهه ڪندڙ جاگيرداراڻي نظام مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ سوشل مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ قدمن تي به روشني وڌي.

شي جن پنگ جو چوڻ هو ته رڳو سوشلزم ئي چين کي محفوظ بڻائي سگهي ٿو ۽ اهو هڪ ئي طريقي ڪار چين کي ترقي ڏئي سگهي ٿو، ٻاهرين طاقتن خلاف ويڙهه ۾ ڪنهن کي به چيني قوم جي رٽ ۽ طاقت کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي.

Read Previous

قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندڙ صهيب مقصود خطرناڪ ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا

Read Next

ڪورونا ويڪسين نه هڻائيندڙ سرڪاري ملازمن بابت سنڌ حڪومت جو نئون فيصلو

Most Popular