ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس ٻيهر وڌڻ لڳا، مثبت ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا سبب وڌيڪ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 1347 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق به ٿي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 45 هزار 245 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان 1347 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 19 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.97 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22427 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 9 لک 63 هزار 660 تائين وڃي پهتا آهن.

Read Previous

جيالن کي حڪم ڏيان ته حڪمران ڪٿان جا نه رهندا: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

آصف علي زرداري خلاف پراپرٽي جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون اچي ويو

Most Popular