هيٽي جو صدر اڻڄاتل جوابدارن هٿان پنهنجي گهر ۾ قتل

هيٽي جي صدر جوينل موئز کي اڻڄاتل جوابدارن گهر ۾ گهڙي قتل ڪري ڇڏيو.

اها افسوسناڪ ڳالهه هيٽي جي عبوري وزيراعظم ڪلوڊ جوزيف طرفان هڪ بيان ۾ ٻڌائي وئي آهي.

جوزيف موجب موئز جي گهرواري خاتون اول مارٽين موئز زخمي آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي.

عبوري وزيراعظم ٻڌايو ته ڪيريبيئن جي ان رياست ۾ صورتحال پوليس ۽ اختيارين جي قابو ۾ آهي.

Read Previous

پاڪستان: ڪورونا سبب 25 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 2.22 سيڪڙو ريڪارڊ

Read Next

شرميلا فاروقي لباس سبب تنقيد جو شڪار اداڪارائن جي حمايت ڪري ڇڏي

Most Popular