شرميلا فاروقي لباس سبب تنقيد جو شڪار اداڪارائن جي حمايت ڪري ڇڏي

پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي ايوارڊز تقريب ۾ اداڪارائن جي لباس تي ٿيندڙ تنقيد کانپوءِ انهن جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي.

انسٽاگرام تي شرميلا فاروقي اداڪار بلال قريشي جو انسٽا گرام اسٽوري پيغام شيئر ڪندي هڪ ڪيپشن لکيو آهي.

بلال قريشي پنهنجي اسٽوري ۾ عورتن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته توهان سڀ خوبصورت ۽ باصلاحيت آهيو، مون تي يقين ڪيو ايوارڊ شو ۾ شاندار نظر اچڻ جي لاءِ توهان کي اهڙي لباس پهرڻ جي ضرورت ناهي، جنهن سان توهان جو جسم ظاهر ٿئي.

شرميلا فاروقي پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾لکيو ته عورتن کي انهن جي لباس جي چونڊ ذريعي پرکڻ بند ڪيو وڃي، عورتن ۾ شعور آهي، آزاد آهن ۽ ڪنهن کي به انهن جي لباس تي ناڪاري تبصرو نه ڪرڻ گهرجي.

پ پ اڳواڻ وڌيڪ لکيو ته هيءَ هڪ آزاد دنيا آهي، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو، بشريٰ انصاري کي دل سان رقص ڪرڻ ڏيو، اها ائين ڇو نٿي ڪري سگهي؟ ان کي ائين ڪرڻ جو مڪمل حق آهي، ناڪاري سوچ رکندڙن لاءِ منهنجو پيغام آهي ته اهي پنهنجي مايوسين کي ڏسن ۽ انهن جو حل ڳولين،

واضح رهي ته تازو ايوارڊ شو ۾ اداڪارائن طرفان لباس جي چونڊ تي نه رڳو مداح پر ڪجه شوبز شخصيتون به انهن تي تنقيد ڪري رهيون آهن.

Read Previous

هيٽي جو صدر اڻڄاتل جوابدارن هٿان پنهنجي گهر ۾ قتل

Read Next

نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ آصف زرداري جي عبوري ضمانت منظور

Most Popular