نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وئي.
آصف زرداري جي نيويارڪ اپارٽمنٽ انڪوائري ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ڪئي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيماري جي ڪري ايمبولينس ۾ عدالت پهتو ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي.
آصف علي زرداري جي وڪيل طرفان نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ عبوري ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي وئي.
عدالت آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هن کي 5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت 28 جولاءِ تائين منظور ڪئي ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.