ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو

ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو.

دليپ ڪمار جي وارثن طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سندس ئي اڪائونٽ تان لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 98 سالن جي دليپ ڪمار کي گذريل ڏينهن ساهه ۾ ڏکيائي جي ڪري ممبئي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو  هو جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

دليپ ڪمار جي ڊاڪٽر جليل پالڪر موجب اداڪار اربع ڏينهن آخري ساهه ڀارتي وقت موجب صبح 7 لڳي 30 منٽن تي کنيو.

دليپ ڪمار جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اِهو اطلاع ڏنو ويو آهي ته هن جي تدفين ممبئي جي مقامي قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي.

Read Previous

نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ آصف زرداري جي عبوري ضمانت منظور

Read Next

ڪورنا وائرس جا وار جاري، وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، 1517 ڪيس رپورٽ

Most Popular