نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ آصف زرداري جي عبوري ضمانت منظور

نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وئي.

آصف زرداري جي نيويارڪ اپارٽمنٽ انڪوائري ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزنل بينچ ڪئي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بيماري جي ڪري ايمبولينس ۾ عدالت پهتو ۽ پنهنجي حاضري لڳرائي.

آصف علي زرداري جي وڪيل طرفان نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ عبوري ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي وئي.

عدالت آصف علي زرداري جي عبوري ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هن کي 5 لک رپين جا  ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت 28 جولاءِ تائين منظور ڪئي ۽ نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

Read Previous

شرميلا فاروقي لباس سبب تنقيد جو شڪار اداڪارائن جي حمايت ڪري ڇڏي

Read Next

ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular