ڪورنا وائرس جا وار جاري، وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، 1517 ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 1517 مثبت ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 46 هزار 287 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1517 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.

ملڪ ۾ هن وقت تائين تصديقي ڪيسن جو انگ 966007 ٿي ويو آهي جنهن مان 909525 مريض شفاياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن ان وبا وڌيڪ 17 حياتيون ضايع ٿيون. اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وقت تائين ان وبا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 22 هزار 469 ٿي ويو آهي جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 3.27 سيڪڙو آهي.

Read Previous

ننڍي کنڊ جو عظيم اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

سياسي اتحادي هٿ ٺوڪئي کي ڪيرائڻ ۾ سنجيده ناهن: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular