سياسي اتحادي هٿ ٺوڪئي کي ڪيرائڻ ۾ سنجيده ناهن: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سياسي اتحادي گڏجي هٿ ٺوڪئي کي ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهن.

بلاول ڀٽو زرداري عباس پور آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين، بني گالا ڏانهن اچو ۽ هٿ ٺوڪئي کي ڀڄائينداسين، منافق ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ يوٽرن وٺندو آهي، 50 لک گهر بڻائيندڙن ماڻهن کان ڇِت به کسي ورتي، ڪشميرين جي ذميواري آهي ته هٿ ٺوڪئي کان پاڻ کي بچائن، ڪشميري جي عوام سڀني کي ڀوڳيو آهي، هٿ ٺوڪيو سڄي ملڪ جو رت پيو چوسي.

بلاول ڀٽو زرداري ٻڌايو ته اسان بجيٽ ۾ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ جو سوچيو هو، زرداري کي اسپتال کان وٺي آياسين پر هوڏانهن ڏٺوسين ته خاموشي هئي، اسان اميد رکون ٿا ته شهباز شريف ۽ مولانا انهن ميمبرن کان پڇي ته هو اسيمبلي اجلاس ۾ ڪٿي هئا، هاڻ به هو وزير اعظم ۽ وڏي وزير خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻن ته اسان هنن جو ساٿ ڏينداسين.

Read Previous

ڪورنا وائرس جا وار جاري، وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، 1517 ڪيس رپورٽ

Read Next

عمر اڪمل پنهنجي غلطي مڃيندي معافي گهري ورتي

Most Popular