آمريڪا جي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون چيو آهي ته افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جو 90 سيڪڙو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.
پينٽاگون ترجمان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بگرام بيس ڇڏڻ کان پهريان افغان قيادت سان آخري ميٽنگ 48 ڪلاڪ اڳ ۾ ٿي.
ترجمان موجب افغانستان جي سياسي ۽ سيڪيورٽي قيادت بگرام بيس جي حوالي سان مڪمل آگاهه هئي، ڄاڻ هيٺين سطح تائين ڇو نه پهتي، ان بابت نٿا ڄاڻون.