ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، احتياط نه ڪيو ويو ته وري سڀ بند ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس گهٽجندي گهٽجي وري وڌڻ شروع ٿي ويندا آهن، چوٿين لهر جو خطرو آهي، ڪورونا جو ڀارتي قسم وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، عوام احتياط ڪري.

اسلام آباد ۾ ڪورونا بابت قومي رابطا ڪميٽي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا باوجود الله پاڪ اسان تي خاص رحم ڪيو، هن وقت ڪورونا جي ڀارتي قسم سبب صورتحال خراب آهي، ڪورونا ۾ هن وقت ”انڊين ويريئنٽ“ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، وائرس پنهنجي نوعيت مسلسل تبديل ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪيس گهٽجندي گهٽجندي اوچتو وڌڻ شروع ٿي وڃن ٿا، خطرو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر اچي سگهي ٿي، ماڻهو دنيا ۾ ايس او پيز تي عمل ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن، قوم کي اپيل ٿو ڪيان ته ماسڪ پائن ۽ ملڪ کي ڪورونا کان بچائن.

سندس چوڻ هو ته لاڪ ڊائون سان غريب طبقو وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي، عيد تي به احتياط ڪيو، صحيح احتياط ڪيوسين ته چوٿين لهر کان بچي سگهون ٿا، احتياط نه ڪيوسين ته وري لاڪ ڊائون هڻڻو پوندو، سڀ بند ڪرڻو پوندو، تنهن ڪري قوم خاطر ۽ معيشت خاطر احتياط ضرور ڪيو.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 4 نوجوان شهيد

Read Next

مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular