والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ 4 نوجوان شهيد

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي وڌيڪ 4 ڪشميرين نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض ڀارتي فوج اڄ وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪيو، ٻنهي نوجوانن کي ضلعي پلواما ۾ دوڪو ڪلگام ۾ شهيد ڪيو ويو.

ڪي ايم ايس موجب ڪشميري نوجوانن کي گهر گهر جهڙتي جي آڙ ۾ شهيد ڪيو ويو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي پوليس سري نگر مان حريت اڳواڻ مشتاق الاسلام کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، مشتاق الاسلام کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

انگلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم 141 رنسن تي ڍير

Read Next

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، احتياط نه ڪيو ويو ته وري سڀ بند ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Most Popular