مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جي صوبائي ڪابينا جي ڪيترن ئي ميمبرن مخالفت ڪئي هئي پر وڏي وزير جي تجويز تي پ پ جي اعليٰ قيادت مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سيد مراد علي شاهه جي آمريڪا مان وطن واپسي تي مرتضيٰ وهاب جي ايڊمنسٽريٽر طور مقرري جي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

ذريعن موجب سيد مراد علي شاهه ايندڙ هفتي وطن واپس اچڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، احتياط نه ڪيو ويو ته وري سڀ بند ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

Read Next

”اسان نٿا چاهيون ته پابنديون هڻون ۽ عيد جو مزو خراب ٿئي“

Most Popular