”اسان نٿا چاهيون ته پابنديون هڻون ۽ عيد جو مزو خراب ٿئي“

منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته اسان نٿا چاهيون ته عيد تي پابنديون هڻون ۽ عيد جو مزو خراب ٿئي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن، وڌندڙ ڪورونا ڪيسن تي اڄ وزير اعظم کي بريفنگ ڏيڻ پيا وڃون.

هن چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون ڏانهن بلڪل نه وينداسين، سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پر جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته اسمارٽ لاڪ ڊائون ڏانهن وينداسين.

اسد عمر جو چوڻ حو ته ڪورونا وڌيڪ وڌڻ جو خطرو آهي ان ڪري سمورا ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪن، سماجي فاصلو کن، ماسڪ پائن ۽ ويڪسين نيشن ڪرائن.

Read Previous

مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

عمران خان مشرف جيان مودي جو به پولنگ ايجنٽ هو: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular