عمران خان مشرف جيان مودي جو به پولنگ ايجنٽ هو: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم نالائق، نااهل ۽ ناجائز آهي، هي اهو وزيراعظم آهي، جيڪو اسلام آباد ۾ ويهي مودي جي ڪاميابيءَ جي دعا ڪندو آهي.

حويلي ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سڀني جماعتن جو مقابلو ڪنداسين، توهان کي بيٽ کي به ڀڄائڻو آهي ۽ ٻين کي به، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ مودي جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب نه ٿيون ڏئي سگهن.

هن چيو اسان چاهيون ٿا ته توهان ٻلي وانگر نه شينهن وانگر سياست ڪيو، اڄڪلهه جيڪي احساس جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن ۾ ڪو احساس ناهي، اسان جو وزيراعظم اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جيئن پرويز مشرف جو پولنگ ايجنٽ هو، ائين ئي نريندر مودي جو به پولنگ ايجنٽ هو، اسان کي نريندر مودي کي دعوت ڏئي پنهنجي شادين ۾ گهرائيندڙ وزيراعظم به نه گهرجي، جيڪو ڪشميري عوام جو دشمن آهي، اهو منهنجو مخالف منهنجو دشمن آهي.

Read Previous

”اسان نٿا چاهيون ته پابنديون هڻون ۽ عيد جو مزو خراب ٿئي“

Read Next

”حڪومت جي ڪاڪڙي مان چوري ٿيل سيٽون ڪڍرائڻ جو هنر اچي ويو آهي“

Most Popular