”حڪومت جي ڪاڪڙي مان چوري ٿيل سيٽون ڪڍرائڻ جو هنر اچي ويو آهي“

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ کي حڪومت جي ڪاڪڙي مان چوري ٿيل سيٽون ڪڍرائڻ جو هنر اچي ويو آهي ۽ جيڪڏهن ڪشمير چونڊون چوري ٿيون ته شاهراهه دستور اسلام آباد تي ڪئمپ هڻي ويهي رهنداسين.

مظفرآباد ڀرسان ڇتر ڪلاس ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته والاريل ۽ آزاد ڪشمير جا ڏک، تڪليفون ۽ پريشانيون هڪ نه هڪ ڏينهن ختم ٿيڻيون آهن، نواز شريف توهان جي آزادي ۽ حقن جي جنگ وڙهندو، هڪ سرڪاري اهلڪار ويڊيو ۾ چيو ته مريم نواز کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، نواز شريف مون کي چيو ته ڪشمير وڃي، اتي توکي ڪو خطرو ناهي، ڪشمير لاءِ ٻن منٽن جي خاموشي عمران خان اڄ به اختيار ڪيون ويٺو آهي.

هن چيو حڪمران چون ٿا ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي پر ان کان ايترا ڊنل آهن جو نواز شريف کان ڳالهه شروع ۽ ختم ڪن ٿا، ن ليگ اڄ جبل بڻجي بيٺل آهي، ڪشمير چونڊن جي چوري چاهيندڙ ٻڌي ڇڏين ته ن ليگ هاڻ اها ن ليگ ناهي رهي، ن ليگ کي توهان جي ڪاڪڙي مان چوري ٿيل سيٽون ڪڍرائڻ جو هنر اچي ويو آهي، چوري ٿي ته شاهراهه دستور تي ڪئمپ هڻي ويهي رهنداسين، ووٽ چورن کي ابتي پير ڪشمير مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏينداسين.

Read Previous

عمران خان مشرف جيان مودي جو به پولنگ ايجنٽ هو: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو

Most Popular