موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو

وفاقي حڪومت موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي.

وفاقي حڪومت طرفان موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان ترميمي ڪسٽم ڪوڊ جاري ڪيا ويا آهن، جنهن تحت 30 ڊالرن تائين جي موبائل فون تي 300 رپيا في سيٽ ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، 30 کان 100 ڊالر جي موبائل فون تي 3 هزار رپيا، 100 کان 200 ڊالرن جي موبائل فون تي 7500 رپيا ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.

اهڙي ريت 200 کان 350 ڊالرن تائين موبائل فون تي 11000 رپيا، 350 کان 500 ڊالرن جي في سيٽ موبائل فون تي 15000 رپيا ڊيوٽي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته 500 ڊالرن کان وڌيڪ في سيٽ تي 22000 رپيا ڊيوٽي هوندي.

Read Previous

”حڪومت جي ڪاڪڙي مان چوري ٿيل سيٽون ڪڍرائڻ جو هنر اچي ويو آهي“

Read Next

سنڌ ۾ وري اسڪول، هوٽل ۽ تفريحي ماڳ بند

Most Popular