خيبرپختونخواهه ۾ بس حادثي جو شڪار، چيني ڪارڪنن سميت تيرنهن ڄڻا فوت

داسو ڊيم ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپني جي بس حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان حوالي سان پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چيو آهي ته چيني ڪارڪنن کي کڻي ويندڙ بس حادثي جو شڪار ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ چيني ڪارڪنن کي کڻي ويندڙ بس ٽيڪنيڪي خرابي کان پوءِ کاهي ۾ ڪري پئي جنهن کان پوءِ گيس جي ليڪيج ٿي ۽ اهائي ڌماڪي جو سبب بڻجي. پر واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

رپورٽ موجب اپر ڪوهستان ۾  داسو ڊيم جي ملازمن کي کڻي ويندڙ بس حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 39 زخمي ٿي پيا آهن. ڊي پي او اوپر ڪوهستان ٻڌايو ته حادثي جا سبب سامهون نه اچي سگهيا آهن پر حادثي ۾ 13 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جن مان 9 چائنيز ۽ 2 مقامي  مزدور به شامل آهن. جڏهن ته اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته 7 ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ان حوالي سان چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائو ليجيان هفتيوار ميڊيا بريفنگ جي دوران حادثي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ بس حادثي ۾ چيني شهرين جي فوت ٿيڻ جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان چيني شهرين، ڪمپنين، پروجيڪٽس ۽ ادارن جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.

Read Previous

سنڌ ۾ وري اسڪول، هوٽل ۽ تفريحي ماڳ بند

Read Next

”عمران خان عوام جي نه پر سليڪٽرز جي چونڊ آهي“

Most Popular