سنڌ ۾ وري اسڪول، هوٽل ۽ تفريحي ماڳ بند

A security guard tells students that their school is closed by authorities to control possible spread of coronavirus, in Lahore, Pakistan, Saturday, March 14, 2020. For most people, the new coronavirus causes only mild or moderate symptoms. For some it can cause more severe illness. (AP Photo/K.M. Chaudary)

سنڌ حڪومت ڪورونا وبا جي وڌندڙ ڪيسن ۾ نظر ۾ رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر اسڪول، پارڪ ۽ هوٽل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪووڊ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

صحت کاتي جي اختيارين پاران اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن 16262 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 1201 ڪيس سامهون آيا آهن، هن وقت 837 مريض مختلف اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، گهڻي قدر مريض سرڪاري اسپتال ۾ داخل آهن.

سيڪريٽري صحت اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صوبي ۾ نئين ڪيسن جي شرح 7.4 سيڪڙو ٿي وئي آهي، ڪورونا جا ڪيس 5 سيڪڙو کان وڌن ته اها خطرناڪ صورتحال آهي.

Read Previous

موبائل فونز جي درآمد تي ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو

Read Next

خيبرپختونخواهه ۾ بس حادثي جو شڪار، چيني ڪارڪنن سميت تيرنهن ڄڻا فوت

Most Popular