”عمران خان عوام جي نه پر سليڪٽرز جي چونڊ آهي“

مريم نواز

مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان توهان عوام جي نه سليڪٽرز جي چونڊ آهيو ۽ سليڪٽر جي هڪ اشاري تي لاٽونءَ جيان ڦرندا آهيو.

آزاد ڪشمير جي هجيره ڪاليج گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ هو ته عمران خان چيو مون کان سواءِ ڪا به چوائس ناهي، عمران خان عوام جي نه پر سليڪٽرز جي چونڊ آهي ۽ سليڪٽرز جي هڪ اِشاري تي لاٽونءَ جيان ڦرندا آهيو، توهان چوائس ان ڪري آهيو جو توهان هر ڳالهه جهڪي ويندا آهيو، عمران خان ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو ته هن ۾ ۽ نواز شريف ۾ ڪهڙو فرق آهي.

مريم نواز جو چوڻ هو ته عمران خان توهان ڪجهه به ڪيو ڪشمير پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪو آهي، توهان ڪشمير جي زحمت نه ڪيو، عمران خان پنهنجو نمائندو هتي ان ڪري آڻڻ چاهي ٿو ته جيئن ڪشمير کي صوبو بڻائي، اِها سازش تيار ڪري چڪا آهن رڳو عملدرآمد ڪرڻ باقي آهي. عمران خان ڪشميرين کان سندن حق کسڻ چاهي ٿو، هن جا وزير چون ٿا ته ڪشميري ماڻهو پيسن تي وڪامجڻ وارا ماڻهو آهن، ڇا اهڙي وزير اعظم کي ڪشميري پنهنجي وادي ۾ داخل ٿيڻ ڏيندا.

Read Previous

خيبرپختونخواهه ۾ بس حادثي جو شڪار، چيني ڪارڪنن سميت تيرنهن ڄڻا فوت

Read Next

اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو اپوزيشن به شڪست قبول ڪندي: وزيراعظم

Most Popular