اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو اپوزيشن به شڪست قبول ڪندي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهڙيون چونڊون ڪرائينداسين جو اپوزيشن به شڪست قبول ڪندي.

اسلام آباد ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، آبادي وڌڻ جي ڪري ساوڪ ختم ٿي رهي آهي ۽ اڏاوتون پکڙجي رهيون آهن، اسلام آباد جو نئون ماسٽر پلان آڻڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته زمينن جا اگهه وڌي رهيا آهن ۽ قبضا مافيا به سرگرم آهي، قبضا مافيائن خلاف ڪارروائيون ٿين ٿيون ته وري ضمانتون ڪرائي واپس اچي ٿا وڃن، اسلام آباد ۾ وڻ سولائي سان ڦُٽندا آهن، انڪري اسان کي اسلام آباد ۾ ٻيلا وڌائڻا آهن ۽ مثال قائم ڪرڻو آهي.

ان کان اڳ نادرا وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جو ڪم ماڻهن لاءِ سولائيون پيدا ڪرڻ آهي، اسان کي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان عوام لاءِ سولائيون پيدا ڪرڻ گهرجن، پهريون ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وراثتي سرٽيفڪيٽن لاءِ پاڪستان اچڻو پوندو هو، هاڻي سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ ئي بائيو ميٽرڪ تصديق ذريعي سندون ماڻي سگهن ٿا.

Read Previous

”عمران خان عوام جي نه پر سليڪٽرز جي چونڊ آهي“

Read Next

آمريڪا افغانستان مان 95 سيڪڙو فوج ڪڍي ڇڏي

Most Popular