جبري مذهبي تبديلي: سينيٽ ڪميٽيءَ جو ميان مٺو کي طلب ڪرڻ جو فيصلو

مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري 18 سالن کان عمر کان اڳ مذهب تبديلي تي پابندي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو 14 سالن جي عمر ۾ مذهب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي نٿو ڪري سگهجي.

اقليتن جي حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نور الحق قادري چيو ته اسان 18 ورهين جي عمر کان اڳ مذهب جي تبديلي جي حوالي سان لاڳو پابندي جي حمايت نٿا ڪري سگهون، ڪيترائي اهڙا واقعا سامهون ايندا آهن، جن ۾ هڪ فرد 18 ورهين جي عمر کان اڳ پنهنجي مرضي سان مذهب جي تبديلي جي خواهش ظاهر ڪئي، اسلام ۾ 18 ورهين کان اڳ مذهب جي تبديلي جي ڪيترائي مثال موجود آهن.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو 18 سالن جي عمر کان اڳ مذهب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي مرضي پر 18 سالن کان اڳ شادي يا نڪاح هڪ الڳ بحث آهي، شادي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر مقرر ڪرڻ جو معاملو اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي موڪليو ويو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ زبردستي ڪنهن جو مذهب تبديل ڪرايو پيو وڃي ته ان جي جاچ ٿي چڪي آهي.

Read Previous

عائزا خان به ماڌوري جي مداح نڪتي، ملڻ جي خواهشمند

Read Next

نواز شريف کي قيد ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي: مريم نواز

Most Popular