عائزا خان به ماڌوري جي مداح نڪتي، ملڻ جي خواهشمند

من موهڻي اداڪارا عائزا خان به ڀارتي اداڪارا ماڌوري ڊڪشٽ جي مداح نڪتي ۽ ساڻس ملڻ جي خواهشمند آهي.

اداڪارا فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ماڌوري ڊڪشٽ جهڙو روپ اختيار ڪندي پنهنجون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون، اهي تصويرون عائزا جي نئين پراجيڪٽ ”لاپتا“ تان ورتيون ويون آهن، جنهن لاءِ عائزا خان ماڌوري جي هڪ مشهور گاني ”ايڪ دو تين“ مان ان جو روپ اختيار ڪيو آهي.

ان کانسواءِ عائزا خان ماڌوري جي هڪ اصل تصوير به انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ۽ لکيو آهي ته جيئن مان ماڌوري جو نالو ٻڌندي آهيان ته منهنجي دماغ تي فوري طور ”ايڪ دو تين“ ۽ ”ديو بابو“ اچي ويندو آهي.

Read Previous

پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان، وڏن نالا شامل

Read Next

جبري مذهبي تبديلي: سينيٽ ڪميٽيءَ جو ميان مٺو کي طلب ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular