نواز شريف کي قيد ۾ به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي: مريم نواز

مريم نواز

ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي قيد دوران به قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هئي.

آزاد ڪشمير ۾ چونڊ مهم جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير جي پُٽ نواز شريف جا سلام کڻي آئي آهيان، منهنجي رڳن ۾ ڪشميري رت آهي، اهي ماڻهو نواز شريف کان ڊڄي رهيا آهن، عمران خان جو ته صبح ۽ شام نواز شريف جي نالي سان ٿيندي آهي.

هن چيو ته نواز شريف خلاف مختلف قسمن جون سازشون ڪيون ويون، نواز شريف کي قيد دوران به قتل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون، نواز شريف جي ٺاهيل منصوبن کي گروي ڪرڻ جون سازشون هلي رهيون آهن، ڪشمير جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نواز شريف جو نالو کڻڻ وارا موجود آهن، والاريل ڪشمير جو ڪيس هارائڻ کانپوءِ هاڻي انهن جون نظرون آزاد ڪشمير تي آهن، ڪشمير کي ڀارت جي جهولي ۾ وجهڻ جي سازش آمريڪا ۾ ڪئي وئي.

Read Previous

جبري مذهبي تبديلي: سينيٽ ڪميٽيءَ جو ميان مٺو کي طلب ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

صدر عارف علوي جو آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

Most Popular