پاڪستان: ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، 2 مهينن کان پوءِ شرح 6 سيڪڙو ريڪارڊ

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 31 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته مثبت ڪيسن جي شرح 2 مهينن کان پوءِ 6 سيڪڙو کان وڌي وئي.

 پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 37690 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 2327 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 31 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.17 سيڪڙو رهي ۽ اِها شرح گذريل لڳ ڀڳ 2 مهينن دوران سڀ کان وڌيڪ شرح آهي.

ان کان اڳ 22 مئي تي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.43 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي هئي.

اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 22720 ٿي چڪو آهي جڏهن ته متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 83 هزار 719 تائين پهچي چڪو آهي.

Read Previous

حڪومت اٽو 150 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه 90 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو

Read Next

تاشقند کان گوادر تائين ٽرين سروس شروع ڪرڻ چاهيون ٿا: فواد چوڌري

Most Popular