آزاد ڪشمير چونڊون: ڪوٽلي ۾ سياسي جماعتن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي لاءِ ٿيندڙ چونڊن دوران ڪوٽلي ۾ ٻن سياسي جماعتن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.

ايس ايس پي راجا محمد اڪمل خان موجب ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 12 چڙهوئي ۾ ٻن سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ ڪارڪن مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوءِ فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ هڪ ڄڻي به دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا علاج هيٺ آهن.

راجا محمد اڪمل خان ٻڌايو ته جهيڙي ۾ مارجي ويل هڪ نوجوان جي سڃاڻپ ظهير جي نالي سان ۽ ٻئي جي سڃاڻپ رمضان جي نالي سان ٿي آهي، واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

Read Previous

آزاد ڪشمير چونڊون: تحريڪ انصاف 3، پ پ ۽ ن ليگ هڪ – هڪ سيٽ تي ڪامياب

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا وبا 23 هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي وئي

Most Popular