آزاد ڪشمير چونڊون: تحريڪ انصاف 3، پ پ ۽ ن ليگ هڪ – هڪ سيٽ تي ڪامياب

آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي 45 سيٽن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ سان گڏ نتيجا اچڻ جو سلسلو به جاري آهي.

آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي لاءِ پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي، جيڪا بنا وقفي شام 5 وڳي تائين جاري رهي پر پولنگ اسٽيشن جي احاطي ۾ موجود ووٽرن کي 5 وڳي کانپوءِ به راءِ جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز سان نتيجا اچڻ به شروع ٿي ويا آهن.

هيل تائين 45 تڪن مان 5 جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف 3، جڏهن ته پ پ ۽ ن ليگ هڪ – هڪ سيٽ تي ڪاميابي ماڻي آهي.

ايل اي 34 ڄمون ون جي سڀني 122 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جو چوڌري رياض احمد 4559 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ن ليگ جي ناصر حسين ڊار 4221 ووٽ کنيا.

ايل اي 41 ڪشمير ويلي 2 پنجاب جي سڀني 17 پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو غلام محيءُ الدين ديوان 2326 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته ن ليگ جو اڪرام بٽ 741 ووٽن سان ٻئي ۽ پ پ جو شبير عباس مير 166 ووٽن سان ٽئين نمبر تي رهيو.

Read Previous

نيب ڪراچي تعليم ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Read Next

آزاد ڪشمير چونڊون: ڪوٽلي ۾ سياسي جماعتن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

Most Popular