ملڪ ۾ ڪورونا وبا 23 هزار کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي وئي

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ وبا جي نتيجي ۾ فوتين جو گڏيل انگ 23 هزارن کان وڌي ويو.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 44 هزار 579 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2819 جو نتيجو هاڪاري آيو، جنهن کانپوءِ ڪيسن جو مجموعي انگ 10 لک 4 هزار 694 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.32 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس سبب وڌيڪ 45 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ هيل تائين فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 23 هزار 16 تي پهچي ويو آهي.

Read Previous

آزاد ڪشمير چونڊون: ڪوٽلي ۾ سياسي جماعتن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

مختلف تڪن مان بي ضابطگين جون شڪايتون مليون آهن: مريم اورنگزيب

Most Popular