اينڊي فلاور شاهنواز ڏاهاڻي کي سون جي دل وارو انسان قرار ڏئي ڇڏيو

پي ايس ايل جي تازي سيزن جي فاتح ملتان سلطانز جي ڪوچ اينڊي فلاور نوجوان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي سون جهڙي دل وارو انسان قرار ڏيندي چيو آهي ته هُن مُک تي مرڪون سجائي مقابلن ۾ حصو ورتو.

پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ www.cricketpakistan.com کي خاص انٽرويو ڏيندي ملتان سلطانز جي ڪوچ اڳوڻي زمبابوين ڪپتان اينڊي فلاور نوجوان پيسر شاهنواز ڏاهاڻي جي دل کولي تعريف ڪئي آهي.

شاهنواز ڏاهاڻي سڀ کان وڌيڪ 20 وڪيٽون وٺي پي ايس ايل 6 جي بهترين بالر جو ايوارڊ ماڻي چڪو آهي.

اينڊي فلاور چيو ته پهريون ڀيرو اعليٰ معيار جي ڪرڪيٽ جو تجربو ماڻيندڙ پيسر چهري تي مرڪون سجائي نه رڳو ميدان ۾ مقابلو ڪيو پر ضرورت پوڻ تي هو سنجيده به ٿيو، فيلڊ ۾ سندس رويو ڏسي ٻيا ڪرڪيٽر به لطف اندوز ٿيندا رهيا، هن نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ٽي وي تي ميچون ڏسندڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو هوندو.

Read Previous

ڪبريٰ خان شاديءَ کي آزادي تي پابندي قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي بلند شرح برقرار

Most Popular