ن ليگ چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، تحريڪ جو اعلان

مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي اليڪشن جي نتيجن کي رد ڪندي ڌاڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

شاهد خاقان عباسي، راجا فاروق حيدر ۽ احسن اقبال مظفر آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. راجا فاروق حيدر چيو ته آزاد ڪشمير اليڪشن جي نتيجن کي ردڪيون ٿا، ان جي خلاف آزاد ڪشمير ۽ پرڏيهه ۾ تحريڪ هلائينداسين ۽ دنيا جي آڏو عمران خان جو اصل چهر ڏيکارينداسين، اليڪشن ۾ ماڻهن کي حق راءِ کان محروم رکيو ويو، ڪشمير اليڪشن ۾ پيسو هليو ۽ پيسا ڏئي ماڻهن جا ووٽ خريديا ويا، آزاد ڪشمير جي حقن کي ڦريو ويو ۽ ڌاڙو هنيو ويو، جمعي تي اسلام آباد ۾ گڏ ٿينداسين ۽ دنيا کي ٻڌائينداسين ته ڪيئن اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو.

Read Previous

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو صوبي ۾ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

Read Next

شهري غير ضروري ٻاهر نه نڪرن، ڪراچي ۾ شام 6 کان پوءِ مڪمل پابندي جو حڪم

Most Popular