شهري غير ضروري ٻاهر نه نڪرن، ڪراچي ۾ شام 6 کان پوءِ مڪمل پابندي جو حڪم

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي.

مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ شام جو ڪير به غير ضروري طور ٻاهر نه نڪري، خبر پئي آهي ته ٽيوشن سينٽرز هلي رهيا آهن ان ڪري شهر ۾ سمورن ٽيوشن سينٽرز کي فوري بند ڪرايو وڃي.

وڏي وزير چيو ته ٻيهر جمعي جي ڏينهن ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺنداسين جيڪڏهن صورتحال  بهتر نه ٿي ته وڌيڪ بندوبست ڪنداسين.

Read Previous

ن ليگ چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، تحريڪ جو اعلان

Read Next

سنڌ ڪورونا جي نشاني تي، هاڪاري ڪيسن جي شرح بلند ترين رڪارڊ

Most Popular