سنڌ هاءِ ڪورٽ جو صوبي ۾ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ 5 سالن کان گم فيضان سومري جي بازيابي بابت درخواست تي سڄي سنڌ ۾ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس فهيم احمد صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جي روبرو 5 سالن کان گم فيضان سومري جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

گم ٿيل شهري جي پيءَ ٻڌايو ته فيضان 25 فيبروري 2016 کان گم آهي.

جاچ آفيسر چيو ته جاچ ڪئي سين ته فيضان سومرو بازياب نه ٿيو، فيضان جي مٽن مائٽن جا ڊي اين اي نمونا وٺڻ لاءِ وقت گهربل آهي، جنهن تي عدالت سڄي سنڌ ۾ لاوارث لاشن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

Read Previous

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي بلند شرح برقرار

Read Next

ن ليگ چونڊ نتيجا رد ڪري ڇڏيا، تحريڪ جو اعلان

Most Popular