ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وڃي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ شام جو ڪير به غير ضروري طور ٻاهر نه نڪري، خبر پئي آهي ته ٽيوشن سينٽرز هلي رهيا آهن ان ڪري شهر ۾ سمورن ٽيوشن سينٽرز کي فوري بند ڪرايو وڃي.
وڏي وزير چيو ته ٻيهر جمعي جي ڏينهن ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺنداسين جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ بندوبست ڪنداسين.