سنڌ ڪورونا جي نشاني تي، هاڪاري ڪيسن جي شرح بلند ترين رڪارڊ

ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڪاري ڪيسن جي شرح 25 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي.

صحت کاتي جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جون 7783 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 1932 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 24.82 سيڪڙو رهي.

ترجمان ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.34 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 1.87 مان وڌي 3.40 ٿي وئي آهي.

Read Previous

شهري غير ضروري ٻاهر نه نڪرن، ڪراچي ۾ شام 6 کان پوءِ مڪمل پابندي جو حڪم

Read Next

”پي ٽي آءِ تڪ 38 جي تقدير تبديل ڪرڻ پئي وڃي“

Most Popular