شهزور ڪاشف ڪي ٽو سَر ڪندڙ ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻجي ويو

شهزور ڪاشف وڌيڪ هڪ ڪارنامو انجام ڏيندي ڪي ٽو چوٽي کي سر ڪري ننڍي عمر وارو جبل چاڙهو بڻجي ويو.

19 سالن جي لاهور واسي شهزور ڪاشف ننڍي عمر ۾ ڪي ٽو چوٽي تي چڙهڻ جو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.

نوجوان جي پيءَ ڪاشف سلمان ان ڳالهه جي تصديق ڪندي موقف اختيار ڪيو ته شهزور ٻه مهينا اڳ مائونٽ ايورسٽ چوٽي سَر ڪرڻ وارو پاڪستان جو ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻيو هو، هاڻي شهزور ڪاشف دنيا جي ٻيو نمبر ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي چوٽي به سَر ڪري ورتي آهي.

Read Previous

ڀارتي پوليس جي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، ڇهه اهلڪار مارجي ويا، پنجاهه کان وڌيڪ زخمي

Read Next

آمريڪا جو عراق ۾ جنگي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان

Most Popular