سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني اسلام آباد ۾ وسيل مينهن کان پوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ موجود ٻوڏ صورتحال تي وزير اعظم تي طنزيه وار ڪيو آهي.
سنڌ جي محنت ۽ تعليم واري وزير سعيد غني سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسلام آباد ۾ پيل مينهن يقينن وزير اعظم عمران خان نيازي کي سمجهائي ڇڏيو هوندو ته جڏهن مينهن وڌيڪ وسندو آهي ته وڌيڪ پاڻي ايندو آهي.