آمريڪا جو عراق ۾ جنگي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان

آمريڪي صدر جو بائيڊن عراق ۾ جنگي آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

جو بائيڊن عراقي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته عراق سان لاڳاپا نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، آمريڪا ۽ عراق وچ ۾ سيڪيورٽي سهڪار جاري رهندو.

هن چيو ته داعش کي منهن ڏيڻ لاءِ عراقي فوج جي تربيت ۽ مدد جاري رکنداسين، عراق ۾ هن سال جي آخر تائين ڪو جنگي آپريشن نه ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ عراق وچ ۾ اسٽريٽيجڪ ڀائيواري آهي ۽ آمريڪا عراق جي مدد ڪئي، هاڻ اسان گڏجي داعش ۽ وڙهنداسين ۽ ان کي شڪست ڏينداسين.

Read Previous

شهزور ڪاشف ڪي ٽو سَر ڪندڙ ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻجي ويو

Read Next

جڏهن گهڻو مينهن وسندو آهي ته گهڻو پاڻي ايندو آهي: سعيد غني جي وزير اعظم تي طنز

Most Popular