منشيات فروش ۽ پيداوار ۾ ملوث قومي سلامتي لاءِ خطرو آهن: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويدباجوه چيو آهي ته منشيات فروش ۽ ان جي پيداوار ۾ ملوث ماڻهن قومي سلامتي جي لاءِ خطرو آهن.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه منشيات جي خاتمي فورس (اي اين ايف) جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جنهن ۾ آرمي چيف کي اي اين ايف جي آپريشنل معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

دوري دوران آرمي چيف جو چوڻ هو ته منشيات مان حاصل رقم دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

مريم نواز جي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچي وئي

Read Next

ارباب غلام رحيم وزير اعظم جو سنڌ جي معاملن بابت خاص مددگار مقرر

Most Popular