ارباب غلام رحيم وزير اعظم جو سنڌ جي معاملن بابت خاص مددگار مقرر

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي وزير اعظم جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.

وزير اعظم عمران خان سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي سنڌ جي معاملن بابت خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو روايتي حريف سمجهيو ويندو آهي، هو 2004ع کان 2007 تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. 2018  جي عام چونڊن ۾ ارباب غلام رحيم سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مخالف سياسي اتحاد جي ڊي اي جو حصو هو.

Read Previous

منشيات فروش ۽ پيداوار ۾ ملوث قومي سلامتي لاءِ خطرو آهن: آرمي چيف

Read Next

سنڌ حڪومت پاران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular