”حڪومت پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ٻيهر پيٽرول بم ڪيرايو“

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ تي وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول پيٽروليم شين ۾ واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت ٻيهر پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ پيٽرول بم جو سهارو ورتو، پاڪستان  وڌيڪ  مهانگائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي .

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته وزير اعظم فقط ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ سياسي انتقام کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڄاڻي، سليڪٽڊ حڪومت جي نااهلي ملڪ جي اڳتي وڌڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، وفاقي حڪومت کي غريب عوام جي ڏکيائين جو خيال ناهي، هڪ مهيني ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا ليٽر واڌ ڪئي وئي.

Read Previous

آمريڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڀارت کي خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

شهباز شريف ماضي کي وساري اچي، ڳالهين جا دروازا کليل آهن: شيخ رشيد

Most Popular