ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 فوتگيون، 4858 نوان ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 40 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 4858 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪسستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيدڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جون 56 هزار 414 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 4858 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 40 ڄڻا لااڻو ڪري ويا.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.61 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 23 هزار 462 ٿي ويو ۽ گڏيل ڪيس 10 لک 39 هزار 965 تائين پهچي چڪا آهن.

Read Previous

شهباز شريف ماضي کي وساري اچي، ڳالهين جا دروازا کليل آهن: شيخ رشيد

Read Next

وفاق جو به نين پابندين جو اعلان، مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ٿينديون

Most Popular