وفاقي حڪومت ڪورونا جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سڀاڻي کان نين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي جي سربراهه ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري 3 آگسٽ کان وڌيڪ متاثر شهرن ۾ مارڪيٽون رات اٺ وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي.
هن چيو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن بازارون بند رهنديون، ريسٽورنٽس ۾ اِن ڊور ڊائئنگ بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته هوم ڊليوري جي 24 ڪلاڪ اجازت هوندي.
اسد عمر موجب نيون پابنديون 3 آگسٽ کان 31 آگسٽ تائين هونديون، واپار جي لاءِ وقت رات 8 وڳي تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هفتي ۾ ٻه ڏينهن واپار بند رهندو، موڪل ڪهڙي ڏينهن ڪرڻي آهي اُهو فيصلو صوبا پاڻ ڪندا.