سنڌ جي اطلاعات بابت وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو لڳرائڻ اچي رهيا آهن.
خانگي ٽي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته بنگالي ۽ برمين جي علائقن ۾ به ويڪسينيشن سينٽر کوليا ويا آهن جڏهن ته ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽرز کولي رهيا آهيون، ان کان سواءِ گرين لائين جي ٽريڪ تي ڊرائيو ٿرو ويڪسينيشن سينٽر بڻائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.
ناصر شاهه چيو ته جن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه آهي انهن جي به ويڪسينيشن ٿيڻ گھرجي ۽ ويڪسينيشن ايتري موجود نه آهي جيترا ماڻهو ويڪسينيشن لاءِ اچي رهيا آهن.