وزيراعظم هائوس کي آمدني جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو

وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بدران آمدني جو ذريعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي ڪابينا اڄ وزيراعظم هائوس کي ڪمرشل استعمال لاءِ کولڻ جي منظوري ڏيندي.

وزيراعظم هائوس ۾ تعليمي سرگرميون نه پر ڪمرشل سرگرميون شروع ڪيون وينديون وزيراعظم هائوس کي ڪمرشل استعمال لاءِ کولڻ جو معاملو ڪابينا ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا اڄ جي اجلاس ۾ هائوسنگ وزارت جي سمري جي منظوري ڏيندي جنهن کان پوءِ وزيراعظم هائوس ۾ مقامي، عالمي فوڊ، ثقافتي، فيشن نمائش ۽ ٻيون تقريبون ٿي سگھنديون.

هائوسنگ وزارت جي سمري ۾ وزيراعظم هائوس ۾ مقامي، عالمي فوڊ ثقافتي تقريبون منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ فيشن نمائش ۽ ٻيو تقريبون ٿينديون ۽ وينٽج گاڏين جي نمائش مان به آمدني حاصل ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي جڏهن ته عالمي ۽ مقامي ڪارپوريٽ تقريبن لاءِ به پي ايم هائوس آفر ڪرڻ جو منصوبو آهي.

ذريعن موجب اعليٰ سطح جون سفارتي تقريبون ۽ سيمينارز به هاڻ پي ايم هائوس ۾ ٿيندا، وزديراعظم هائوس جو آڊيٽوريم، 2 گيسٽ ونگز ۽ لان ڪرائي تي ڀاڙي تي ڏئي سگھبا.

Read Previous

هڪ ڏينهن ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو نئون رڪارڊ قائم

Read Next

ايتري ويڪسين موجود نه آهي جيترا ماڻهو اچي رهيا آهن: ناصر شاهه

Most Popular